ڪوهاٽ – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جديد تعليم اسان جي ترجيح آهي، تعليم يافته نوجوان قوم جو مستقبل آهن، استادن جو تعليمي نظام ۾ انتهائي اهم ڪردار آهي، شاگردي واري دور ۾ گذاريل وقت شاگردن کي مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي 58 هين والدين جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چ??و ته ڪيڊٽ ڪاليج جي 58 هين والدين جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت ۽ نوجوان ڪيڊٽس کي مخاطب ٿيڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. شاگردي واري وقت ۾ گذاريل وقت اسان کي مستقبل جي لاءِ تيار ڪري ٿو. جديد تعليم خاص طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪنهن به قوم جي ترقي جي ضمانت آهي. اسان کي پاڻ کي جديد تعليم سان ليس ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. نگران وزيراعظم چ??و ته استاد تعليمي نظام ۾ انتهائي اهم حيثيت رکن ٿا. والدين تي به انتهائي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. نگران وزيراعظم چ??و ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ سدائين بهترين نتيجا ڏنا آهن. نگران وزيراعظم چ??و ته هي ڪاليج منهنجو مادر علمي رهيو آهي. آئون 1984ع ۾ بلوچستان جي هڪ پٺتي پيل علائقي مان تعليم جي لاءِ هن ڪاليج ۾ آيس. آئون زندگي ۾ اڄ هن مقام تي پهتو آهيان ته ان جو ڪريڊٽ منهنجي هن مادر علمي جي استادن ڏانهن وڃي ٿو. نگران وزيراعظم ڪيڊٽس کي تلقين ڪئي ته اهي محنت، ايمانداري ۽ لگن ??ان اڳتي وڌندا وڃن، انهن جي لاءِ زندگي ۾ چئلينجز هوندا، مشڪليون اينديون پر ڪاميابي انهن جو مقدر هوندي. نگران وزيراعظم چ??و ته هڪ سٺو انسان بڻجڻ ئي زندگي جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. تقريب کي خطاب دوران نگران وزيراعظم جيڪو ڪيڊٽ ڪاليج مان فارغ ٿيل آهي، هن پنهنجي مادر علمي جي ڪيترن ئي استادن جو نالو کڻي ذڪر ڪيو ۽ انهن کي ياد ڪندي نگران وزيراعظم روئڻهارڪو ٿي ويو. نگران وزيراعظم چ??و ته مون ۾ اڄ جيڪو ڪجهه بهتر آهي ان جو سهرو منهنجي استادن ڏانهن وڃي ٿو. ان کان اڳ پرنسپل برگيڊيئر (ر) طفيل محمد خان چ??و ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ سدائين بهترين نتيجا ڏنا آهن ۽ بورڊ امتحانن ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي آهي. ان کانسواءِ هم نصابي سرگرمين ۾ پڻ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. ڪاليج جي فارغ ٿيندڙ شاگرد مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا اهن. نگران وزيراعظم ڪيڊٽس جي پريڊ جو معائنو ڪيو. نگران وزيراع??م کي ڪيڊٽس جي دستي سلامي ڏني. هن چيمپيئن شپ جو جهنڊو رستم هائوس جي حوالي ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين بورڊ آف گورنر ميجر جنرل ذوالفقار علي ڀٽو پڻ موجود هو. نگران وزيراعظم ڪيڊٽس پاران گهوڙي سواري، نيزه بازي ۽ جمناسٽڪس جو مظاهرو پڻ ڏٺو. نگران وزيراعظم نصابي ۽ هم نصابي سرگرمين ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪيڊٽس ۾ انعام ورهايا جڏهن ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي پرنسپل نگران وزيراع??م کي ڪاليج جو سووينيئر پيش ڪيو.