اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غي??قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسرت عالم بٽ جي قيادت ۾ مسلم ليگ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنج سالن جي لاءِ پابندي هڻڻ ج?? ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪشميري اڳواڻن تي پابنديون هڻڻ ڀارت پاران عالمي اصولن جي توهي?? آهي. ممتاز زهره بلوچ علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارتي قابض فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين ۽ ڪشميري اڳواڻن تي پابنديون لڳائي رکيو?? آهن. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا ايندڙ سال ڀارت سان لاڳاپن جي بحالي جا ڪي امڪا?? آهن، ترجمان چيو ته ڀارت کي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ج?? لاءِ قدم کڻڻ ج?? ضرورت آهي. جڏهن ته هن واضح ڪيو ته ڀارت سان ڳالهه ٻولهه رڳو برابري، احترام ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي ترجيحي مسئلي طور تي بحث هيٺ آڻڻ ج?? بنياد تي ٿي سگهي ٿي. نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي ملڪن سان لاڳاپن بابت هن چيو ته پاڪستان ۽ جي سي سي جلد هڪ آزاد واپاري مع??هدو ڪندا جيڪو جي سي سي پاران ڪنهن به ملڪ سان اهڙي قسم جو پهريون مع??هدو هوندو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، جلد مع??هدي تي صحيحون ڪيون وينديون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڀارت پاڪستان کان لشڪر طيبه جي باني حافظ سعيد کي حوالي ڪرڻ ج?? مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته اها قياص آرائين تي ٻڌل رپورٽنگ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاڪستان ۾ ڪجهه غي??ملڪي مشنز پاران بلوچ مظاهرين جي حوالي سان تبصرن کي مداخلت قرار ڏنو ۽ ان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ پنهنجي اندروني مع??ملن کي سنڀالڻ ج?? پوري صلاحيت رکي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان جو آئين پنهنجي شهرين کي اظهار راءِ جي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو ۽ اهڙن مع??ملن کي اندروني طور تي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ قانون موجود آهن. ترجمان جو اهو بيان ناروي جي سفارتخاني ۽ پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير جي تازي ٽوئيٽس تي هڪ سوال جي جواب ۾ آيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ بلوچ مظاهرين سان مبينا اڻوڻندڙ سلوڪ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ غي??ملڪي سفارتخانن جي مداخلت افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي عوام جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ملڪ جون عدالتون خودمختيار آهن ۽ ڪيترن ئي موقعن تي ان حوالي سان فيصلا ڪري چڪيو?? آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪاميابين ۽ سفارتڪاري جي شعبي ۾ پرڏيهي وزارت پاران ڪئي ويندڙ ڪوششن جو ساليانو جائزو پڻ پيش ڪيو.