اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??را?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ن??را?? حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي سنجيدگي سان ڏسي ٿي، ان حوالي سان جوڙيل ٺوس سفارشون ايندڙ چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪيون وينديون. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي تي قائم ڪيل ڪميشن، ڪميٽي جي راءِ، اعليٰ عدالتن جي رهنمائي، ميڊيا ۽ سول سو??ائ??ي جي راءِ جي ڏس ۾ ن??را?? حڪومت ڊگهي غور فڪر کانپوءِ ٺوس سفارشون جوڙيون آهن جن کي ايندڙ چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪيو ويندو.