اسلام آ??اد-08 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آهي ته عام چونڊن 2024ع لاءِ چونڊن واري ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي امن امان جي صورتحال مستحڪم رهي. سي??يورٽي فورسز قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس اهلڪارن جي پختي لگن ۽ پيشيوراڻي مهارت جو اعتراف ڪريان ٿو. چونڊن جي پڄاڻي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته فورسز کي پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ ??ڏي تعداد ۾ مقرر ڪيو ويو جي??و جمهوريت ۽ پاڪستان جي عوام سان انهن جي وابستگي جو چٽو ثبوت آهي، انهن سمورن سي??يورٽي اهلڪارن لاءِ خاص مبارڪون جن ووٽنگ جي عمل کي پرامن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. گهرو وزير چيو ته سي??يورٽي اهلڪارن جي مقرري بلوچستان، خيبرپختونخوا، سنڌ ۽ پنجاب جي ڏورانهن علائقن ۾ به ڪئي وئي هئي جي??ي هر شهري جي پرامن ماحول ۾ پنهنجي ووٽ جي حق کي استعمال ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسان جي عزم جو ثبوت آهي. ڪجهه واقعن کانسواءِ ??جموعي صورتحال ڪنٽرول ۾ رهي جي??ا اسان جي حفاظتي قدمن جي افاديت کي ظاهر ڪري ٿي. ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو ته چونڊ عمل جي بهترين طريقي سان پڄاڻي اسان جي هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عوام کي پرامن فراهم ڪرڻ جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هو بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪري سگهيا.