برسلز – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ جي موقعي تي نيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پ??ران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال کي وڌائڻ ۽ پهرين ائٽمي توانائي سمٽ منعقد ڪرڻ جي لاءِ آءِ اي اي اي جي ڪردار کي ساراهيو. هن چ??و ته با??ي ميمبر جي حيثيت سان پ??ڪستان ايجنسي جي ڪم کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزي?? موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ائٽمي توانائي جي اهميت ۽ توانائي مڪس ۾ ائٽمي توانائي جو حصو وڌائڻ جي پاڪستان جي خواهش کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ايجنسي جي فني تعاون جي ڪم جي اهميت جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاڪستان به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ بئنڪن کي اسرندڙ ملڪن ۾ ائٽمي توانائي جي منصوبن جي حمايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن ۽ زيرو اخراج جا هدف حاصل ڪري سگهن. هن آءِ اي اي اي تي زور ڏنو ته اها هڪ صاف ذريعي جي طور تي ائٽمي توانائي جي اهميت بابت دنيا کي آگاهه ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکي. ڊائريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي ايجنسي سان پ??ڪستان جي تعاون کي ساراهيندي چ??و ته ايشيا ۾ پاڪستان اسرندڙ ملڪن سان تجربي ۽ مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪ??و ته ائٽمي منصوبن جي مالي مدد هڪ مسئلو آهي ۽ هو جلد ئي ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڊائريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي گذريل سال پنهنجي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪيو، جڏهن کيس پاڪستان جي ٺڪاڻن جو دورو ڪرڻ ۽ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جي ميدان ۾ پاڪستان جي ترقي جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو.