اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو بشام ويجهو ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي کانپوءِ چيني حڪومت س??ن رابطي ۾ آهي جنهن ۾ 5 ??يني شهرين جي جانين جو زيان ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چ??و ته اسان دهشتگردن ۽ انهن جي سه??لت??ارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چ??و ته اهڙي طرح جون ڪڌيون ڪارروايون هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏين ٿيون. ترجمان چ??و ته پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀاءُ آهن، اسان کي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته بشام دهشتگرد حملي جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي جي دشمنن ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چ??و ته اسان گڏجي اهڙي سمورين قوتن جي خلاف پوري عزم سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ انهن کي شڪست ڏينداسين. هن چ??و ته پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.