اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ترڪيه جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻن??ي ملڪن پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جي گڏيل مفاد ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪ??تا?? ترڪيه سان پنهنجي لاڳاپن تي فخر ڪري ٿو، ترڪيه سدائين بنيادي معاملن تي پاڪ??تا?? جي حمايت ڪئي. صدر پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڪيترن ئي منصوبن تي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاء?? عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ترڪيه سان زراعت، تعليم، فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو، صدر رجب طيب اردوان پاڪ??تا?? جو سچو ۽ مخلص دوست آهي، ترڪ صدر منهنجي چونڊ ۽ رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ تي ٽيليفون ڪال ڪئي، ترڪ صدر جو ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو پاڪ – ترڪ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ان جي عزم جو اظهار آهي. ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر پاڪ??تا?? سان دفاعي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻئي ??لڪ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر کي نشان امتياز (ملٽري) ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻن??ي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.