اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي ??خت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت معصوم شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ رفح ڪراسنگ تي حملي ۽ گهيراءُ جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل کي عالمي انساني قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. اسرائيل پنهنجي ??ازه ڪاررواين مان ثابت ڪيو آهي ته هو عالمي انساني حقن جي قانونن جي ??لاف ورزي ۽ غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو مرڪتب ٿي رهيو آهي. هن فوري جنگبندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي محصور ماڻهن جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد تائين پهچ ڏيڻ تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان فلسطينين تي اسرائيلي جارحيت ڪئي پئي وڃي، فلسطينين تي ظلم ۽ ڏاڍ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ عالمي ادارن کي فلسطينين تي جاري ڏاڍ جي ??لاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي سطح ۽ فورمز تي غزه ۾ جاري ظلمن ۽ غزه ۾ ٻارن ۽ عورتن تي ظلمن جي مذمت ڪئي آهي. هن پاڪستان جي ??ن اصولي موقف هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي ??ياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڪشمير هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. ترجمان گيمبيا ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ??ربراهي اجلاس جي پڌرنامي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ڪرار بابت او آءِ سي جي موقف کي ساراهيندي چيو ته اجلاس ڪشميرين جي ??ودمختياري جي ??ق جي ڀرپور حمايت ڪئي.