اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جو دائرو وڌائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي شهري سهولتن جي فراهمي ۾ آساني جي حوالي س??ن پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جي طرز تي آپريشنز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. وز??راعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وز??ر ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري م??لڪتي وز??ر شزه فاطمه ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وز??راعظم چيو ته ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي س??ن پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جو موجود هجڻ خوش آئنده آهي. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جو دائرو وڌايو وڃي. وز??راعظم چيو ته عوام کي شهري سهولتن جي فراهمي ۾ آساني جي حوالي س??ن پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جي طرز تي آپريشنز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين جو سنگل ونڊو جو نظام اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. اجلاس کي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پاڪستان سنگل ونڊو پاران تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان سنگل ونڊو جي ذريعي م??ڪ جو 65 سيڪڙو واپار فائدو کڻي رهيو آهي، 11 حڪومتي ادارا ۽ 29 بئنڪون پاڪستان سنگل ونڊو سان ڳنڍيل آهن، پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جي گڏيل قومن جي ڊيجيٽل ۽ سسٽين ايبل ٽريڊ فيسيلي ٽيشن سروي 2022ع گلوبل سروي ۾ درجابندي خطي جي م??ڪن ۾ بهترين رهي.