اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر م??مد اسحاق ڊار جده کان وطن واپس روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس موجب هوائي اڏي تي سعودي پرڏيهي وزارت جي وزير فريد الخريم، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير ا??مد فاروق ۽ جده ۾ پاڪستان جي ق??نصل جنرل خالد مجيد کيس الوداع ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر م??مد اسحاق ڊار جده ۾ او آ??ِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آ??ِ سي) جي ڪجهه ميمبر ملڪن جي هم منصب?? سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ والاريل فلسطيني علائقي خاص طور تي غزه ۽ وچ اوڀ?? جي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.