اسلام آباد – 16 – ??گسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ي هدايت تي اين ڊي ايم اي استور ۾ ٻوڏ و??ري صورتحال کان متاثر سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ فوري ايڪشن وٺي ڇڏيو ۽ ٻوڏ ريلي کان متاثر علائقي ۾ غيرملڪي سياحن جي محفوظ هجڻ جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران ج??ري بيان موجب رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻه اطالوي ۽ ارجنٽينا سان تعلق رکندڙ هڪ سياح محفوظ ۽ متاثر علائقي کان پري آهن، فينه پُل جي بحالي جو ڪم تيزي سان ج??ري آهي. اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارا حالتن جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال جي لاءِ تيار آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته سياحن ۽ مقامي ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي.