اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف واضح هدايت ڪئي آهي ته سامونڊي رستي وسيلي اندرون ملڪ جي لاءِ سرڪ??ري شعبي جي مجموعي ڪارگو جو 50 سيڪڙو گوادر بندرگاهه تان آندو وڃي، هن چين ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ ريسرچ اسڪالرز جي زراعت جي شعبي ۾ تربيت جي حوالي سان سمورن صوبن کي هڪ جهڙي شرح ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۾ چيني سي??پڪ??ري جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم واضح هدايت ڪئي آهي ته سامونڊي رستي وسيلي اندرون ملڪ جي لاءِ سرڪ??ري شعبي جي مجموعي ڪارگو جو 50 سيڪڙو گوادر بندرگاهه تان آندو وڃي. وزيراعظم چين ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ ريسرچ اسڪالرز جي زراعت جي شعبي ۾ تربيت جي حوالي سان سمورن صوبن کي هڪ جهڙو تناسب ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم منصوبابندي و??ري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت ۾ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جيڪا چين ۾ زرعي تربيت جي حوالي سان پاڪستاني شاگردن ۽ ريسرچ اسڪالرز جي شفاف طريقي سان چونڊ جي نگراني ڪندي. ان موقعي تي وزيراعظم کي چيني ماهرن جي وفد جي پاڪستان جي دوري تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته چيني ماهرن جي وفد 30 جولاءِ 2024ع کان 6 آگسٽ 2025ع تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، چيني وفد مختلف وزارتن جي نمائندن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزارتن لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان تجويزون ڏنيون، وفد جي دوري دوران چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار ۽ سي??پڪ??ري، توانائي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مواصلات ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ تعاون ۽ سي??پڪ??ري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي. چيني وفد ملڪ جي وڏي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان ملاقاتون ڪيون، ملڪي روانگي واپار وڌائڻ ۽ نان ٽريڊ بيريئرز کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان چيني ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات وڌائڻ جي حوالي سان چين جي مختلف شهرن ۾ سيڪٽورل روڊ شوز منعقد ڪرايا و??ندا، اليڪٽرڪ وهيڪلز، اليڪٽرو ميڊيڪل ڊيوائسز ۽ ٻين شعبن ۾ چين سان ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ اپ گريڊيشن جي حوالي سان خدمتون حاصل ڪيون وينديون. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته چيني صنعتن جي پاڪستان ۾ ري لوڪيشن جي حوالي سان چيني ڪمپنين جي دلچسپي ۾ اضافو ٿيو آهي، چيني آٽو اسپيئر پارٽس ڪمپني جي تازو ئي پاڪستان ۾ پنهنجو پلانٽ لڳائڻ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي، خصوصي اقتصادي زونز جي لاءِ زمين کي ليز تي وٺڻ جي حوالي سان آساني پيدا ڪئي پئي وڃي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته پاڪستاني شاگردن ۽ ريسرچ اسڪالرز کي چين ۾ زراعت جي شعبي ۾ تربيت ڏني ويندي جنهن جي لاءِ هيستائين 572 درخواستون ملي چڪ??ون آهن. اجلاس ۾ منصوبابندي و??ري وفاقي وزير احسن اقبال، سي??پڪ??ري ۽ نجڪ??ري و??ري وفاقي وزير عبدالعليم خان، اقتصادي معاملن و??ري وفاقي وزير احد خان چيما، صنعت ۽ پيداوار و??ري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، واپار و??ري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پاور و??ري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، سامونڊي معاملن و??ري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪ??ري آفيسرن شرڪت ڪئي.