اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آه??، ته بجلي چوري جي روڪٿام ۽ رهتن جي عدم ادائگي وارن علائقن جي نشاندهي لاءِ سمارٽ ميٽرن کي ٽرانسفارمرن تي منتقلي جي حوالي سان 6 ارب ڊالرن جي منصوبي لاءِ ورلڊ بئنڪ قرض جي فراهمي تي رضامندي ظاهر ڪئي آه??، جن علائقن ۾ بجلي چوري جي شرح 20 سيڪڙو کان وڌيڪ آه?? اتي وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آه??، ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار وڌيڪ جڏهن ته ان جي کپت گهٽ آه??، آءِ پي پيز کي ڪيپسٽي پيمينٽ جي حوالي سان مسئلي جي حل لاءِ اڳڀرائي جاري آه??. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران شهلا رضا جي سوال جي جواب ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته آبي وسيلن واري وزير، ڪيپسٽي ادائگين لاءِ اهم اجلاس طلب ڪيو آه??. هن ٻڌايو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ونڊ انرجي جي صلاحيت هڪ لک 32 هزار ميگاواٽ آه??، نجي شعبي جي سهڪار سان ونڊ انرجي جا 1845 ميگاواٽ سگهه رکندڙ 36 منصوبا آه??، اسان جي سگهه جي ڀيٽ ۾ بجلي جي طلب گهٽ آه??، ان شعبي ۾ وڌيڪ ڪم نجي شعبي جي سهڪار سان ٿي رهيو آه??. نوابزاده افتخار جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته شاه جمال مظفر ڳڙهه ۾ گرڊ اسٽيشن جي ديوار تائين ڪم ٿي چڪو آه??. ورلڊ بئنڪ جي قرض سان اهو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو. مهرين رزاق ڀٽو جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته 200 يونٽ تائين پروٽيڪٽيڊ صارفين کان 14 روپيا في يونٽ چارج ڪيا ويندا آه??، ڪل صارفين مان هڪ ڪروڙ 70 لک صارفين ماهوار 200 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪن ٿا. ڊالر جي قدر ۾ اضافي سان اهو ممڪن ناهي ته سمورن صارفين کي پهرين 200 يونٽن تي 14 روپيا في يونٽ جي حساب سان ئي چارج ڪيو وڃي ۽ صرف ان کان وڌيڪ استعمال تي في يونٽ چارجز ۾ اضافو ٿئي. اورنگزيب جي سوال جي جواب ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته آءِ پي پيز کي ڪيپسٽي پيمينٽ جي حوالي سان سٺي اڳڀرائي ٿي آه??، ايس سي او هن ڀيري پاڪستان ۾ ٿي رهي آه?? جنهن ۾ چين جو وزيراعظم به شرڪت ڪندو. ان ۾ بهتري جي اميد آه??. آصفه ڀٽو جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته لوڊ شيڊنگ جو معاملو ??ڪو??ي، رهتن، ڊسڪوز جي صورتحال سبب آه??، جن علائقن ۾ بجلي چوري جي شرح 20 سيڪڙو تائين آه?? اتي لوڊ شيڊنگ ناهي، جن علائقن ۾ 30 سيڪڙو تائين لاسز آه?? اتي 2 ڪلاڪ، 40 کان 60 سيڪڙو تائين جي لاسز وارن علائقن ۾ پنجن کان ڇهه ڪلاڪ ۽ 80 کان 100 سيڪڙو لائن لاسز وارن علائقن ۾ 12 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ٿيندي آه??، بجلي سر پلس آه?? جڏهن ته ان جي لاڳت وڌيڪ آه??، ان ۾ توازن سان ئي بهتري ٿيندي آه??. لوڊ شيڊنگ بجلي جي کپت ۾ گهٽتائي، چوري ۽ بجلي بلن جي عدم ادائگي سبب ٿيندي آه??، سمارٽ ميٽرنگ لاءِ ورلڊ بئنڪ 70 سيڪڙو قرض ڏيندي، جتي وڌيڪ مسئلا آه?? اتي سمارٽ ميٽرن سان بجلي چوري جي نشاندهي ٽرانسفارمر مان ٿي سگهندي. ان هڪ ميٽر جي قيمت 200 ڊالرن تائين هوندي، ان جي فزيبلٽي ۽ منصوبا بندي تي ڪم جاري آه??. عمر ايوب جي سوال جي جواب ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته بجلي وارو وزير پري شيڊولڊ اجلاس ۾ آه??. هن چيو ته سمارٽ ميٽرن کي ٽرانسفارمرن سان ڳنڍڻ جو ڪم ٿي رهيو آه?? جنهن لاءِ پنج سال ۽ لاڳت 16 ارب ڊالر آه??، جيڪڏهن ڪنڍا سسٽم ان سان به مڪمل طور تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو ته بجلي چوري وارن ٽرانسفارمرن جي نشاندهي ٿي سگهندي. جن علائقن ۾ بجلي جي چوري وڌيڪ آه??. انهن تي فوڪس ڪيو ويندو ۽ ان سان انهن علائقن جي نشاندهي ٿيندي، ورلڊ بئنڪ ان لاءِ قرض فراهم ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آه??.