اسلام آباد – 11 سيٽمبر (اي پي پي )گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي قاعد اعظم محمد علي جناح جي سياسي بصيرت ۽ اعليٰ قيادت کي شاندار لفظن سان خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس سخت جدوجهد، بلند حوصلي ۽ ايمانداري قاعد اعظم جي شخصيت کي نمايا ڪري ٿي . قاعد اعظم محمد علي جناح جي 76 هين ورسي تي ??نه??جي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته قاعد اعظم جي جرئتمنداڻي قيادت بنا آزاد ملڪ جو خواب ??ڏهن پورو نه ٿئي ها . قاعد اعظم جو اهو احسان قيامت تائين نٿو وساري سگهجي، اڄ اسان آزاد قوم جي حيثيت ۾ ساهه کڻي ??هي?? آهيون، اڄ قاعد اعظم جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي جيتري ضرورت آهي، شايد پهريان ڪڏهن به نه هئي. هن چيو ته قاعد جي پاڪستان ۾ ڪنهن کي لساني، طبقاتي ۽ گروهي بنيادن تي فوقيت حاصل ناهي. قاعداعظم جي پاڪستان ۾ اقليتن سميت هر هڪ کي هڪجهڙا حق حاصل آهن. بدقسمتي سان قاعد اعظم جي سونهري اصولن تي عمل نه ڪري اسان عالمي طور پوئتي رهجي ويا آهيون. محسن نقوي چيو ته قاعد اعظم محمد علي جناح جي اصولن تي هلڻ ۾ ئي پاڪستان جي تر??ي جو راز ٻڌل آهي . هن چيو ته قاعد اعظم جي عظيم مسلسل جدوجهد کي پاڪستاني قوم ڪڏهن نٿي وساري سگهي . اسان کي اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته قاعد اعظم جي اصولن مطابق ملڪ جي تر??ي ۽ استحڪام لاءِ ??نه??جون ذميواريون پوريون ڪيون، اچو ته ان عزم جي تجديد ڪيون ته اسان ??تح??د، تنظيم ۽ يقين محڪم سان اڳتي وڌنداسين.