اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي)وفاقي گهرو ??زير محسن نقوي ڊيره غازي خان ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائڻ تي سي ٽي ڊي پنجاب کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سي ٽي ڊي پنجاب بروقت ڪامياب آپريشن ڪري فتنه الخوارج جي ٻن دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو ??زير فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سي ٽي ڊي پنجاب کي شاباس ڏن??. هن چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب انتهائي پروفيشنل انداز ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ذريعي ڊي جي خان ۾ دهشتگردي ج?? منصوبي کي ناڪام بڻايو . فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائيندڙ سي ٽي ڊي پنجاب جي پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب هميشه فتنه الخوارج جي دهشتگردن ج?? منصوبن کي ناڪام بڻايو آهي. سي ٽي ڊي پنجاب جي بهادر جوانن تي فخر آهي ۽ اهو فورس اسان جو سرمايو آهي.