اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ قاديانين ک?? غير مسلم اقليت قرار ڏيڻ وارو 7 سيپٽمبر جو تاريخي ڏينهن سرڪاري س??ح تي ملهائڻ ۽ ان ڏينهن عام موڪل جي ??علان لاءِ ٺهراءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ جي يو آءِ (ف) جي پارلياماني ليڊر مولانا عطاءُ الرحمان ان سلسلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي پارليامينٽ 7 سيپٽمبر 1974ع تي تاريخي ڏينهن گڏيل طور تي قاديانين ک?? غير مسلم اقليت قرار ڏنو هو. هي ڏينهن نه صرف پاڪستان پر پوري مسلمان اُمت لاءِ تاريخي اهميت وارو آهي ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن مسلمانن جي ڊگهي جدوجهد ڪاميابي س??ن پوري ٿي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ان تاريخي ل??حن کي اجاگر ڪرڻ اڻٽر آهي. سينيٽ حڪومت کان سفارش ڪري ٿي ته هي ڏينهن سرڪاري س??ح تي ملهايو وڃي ۽ ان ڏينهن کي قومي س??ح تي موڪل جو اعلان ڪيو وڃي. سينيٽ اتفاق راءِ سان قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي.