اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري جمه??ري ادارن کي مضبوط بڻائڻ، ضر??ري سڌارا آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ اجتماعي طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زو?? ڀريو آهي. هن جمهوريت کي هڪ منصفاڻي ۽ جامع معاشري جو بنياد قرار ڏيندي چيو ته قوم کي درپيش موجوده چئلينجن جو حل هڪ مضبوط ۽ متحرڪ جمه??ري عمل ۾ لڪيل آهي. اهڙو اظهار هن جمهوريت ??ي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هلندڙ سال جي جمهوريت ??ي عالمي ڏينهن جو عنوان ”مصنوعي ذهانت جي مدد سان بهتر طرز حڪمراني کي هٿي ڏيڻ آهي“.پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت مصنوعي ذهانت جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته مصنوعي ذهانت شفافيت، احتساب ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هي ڊيٽا تي ٻڌل معلومات فراهم ڪري ووٽر جي جمه??ري عمل تائين پهچ بهتر بڻائي ٿي. صدر مملڪت پارليامينٽ جي ڪردار کي جمهوريت ??ي تحفظ، عوامي مسئلن جي حل ۽ جامع پاليسين جي جوڙجڪ ۾ اهم حيثيت قرار ڏنو. هن چيو ته اسان جو مستقبل جمه??ري ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي اجتماعي ڪوششن تي ٻڌل آهي ته جمهوريت ??يندڙ نسلن لاءِ وڌند?? ويجهندي رهي. هن چيو ته بنيادي حقن جي تحفظ ۽ سمورن شهرين جي سياسي، معاشي ۽ سماجي شموليت ??مهوريت ??و اساس آهي. صدر مملڪت، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هنن پاڪستان ۾ جمهوريت ??ي بحالي ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪي??. ا??هن جي ميراث جمه??ري قدرن جي بقاءَ جي جدوجهد جي هڪ مسلسل يادگيري ڏيارين ٿيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته جمهوريت ??ريعي پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي انصاف، برابري، قانون جي حڪمراني ۽ اظهار راءِ جي آزادي يقيني بڻائي سگهي ٿو.