اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ وفدن جي سطح تي پر??يهي وزارت ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پر??يهي آفيس جي ترجمان موجب ڌرين ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ واپار، صنعت، توانائي، ڪنيڪٽيو??ٽي?? سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم اوورچڪ جو دورو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر ولاديمير پيوٽن جي ٻطرفن لاڳاپن جي ٺوس، گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي ويزن جي تعميل ۾ ٿي رهيو آهي. روسي فيڊريشن جو نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري ت?? ڪالهه اربع ڏينهن اسلام آباد پهتو هو. روسي نائب وزيراعظم پاڪستان جي دوري دوران صدر ۽ وزيراعظم سان پڻ ملاقات ڪندو.