اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ اي اي اي جي بو??ڊ آف گورنرز جي ميمبر طور پاڪستان جي چونڊ ائٽمي توانائي جي پرامن استعمال کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ عالمي اداري جي پاليسين ۽ پروگرامن ج?? جوڙجڪ ۾ ان جي مثبت ڪردار کي فروغ ڏيڻ ۽ ان جي مقصدن س??ن پاڪستان جي پراڻي وابستگ?? جو اعتراف آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ چئي وئي. بيان موجب پاڪستان کي ٻن سالن جي مدي 2024ع کان 2026ع تائين انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (اي اي اي اي) جي بو??ڊ آف گورنرز جو ميمبر چونڊيو ويو آهي، ويانا ۾ آءِ اي اي اي ??ي جنرل ڪانفرنس جي 68 هين اجلاس ۾ وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي خطن س??ن پاڪستان کي هلندڙ مهيني شروع کان شروع ٿيندڙ مدي جي لاءِ اتفاق راءِ سان چونڊيو ويو آهي. اهو آءِ اي اي جي بو??ڊ آف گورنرز تي پاڪستان جو 21 هون مدو آهي. پاڪستان جي چونڊ ائٽمي توانائي جي پرامن استعمال کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ آءِ اي اي جي پاليسين ۽ پروگرامن ج?? جوڙجڪ ۾ ان جي مثبت ڪردار کي فروغ ڏيڻ ۽ آءِ اي اي اي جي مقصدن جي لاءِ ان جي پراڻي وابستگ?? جو اعتراف آهي. پاڪستان انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنس?? جو باني ميمبر آهي ۽ هن ايجنسي سا?? ائٽمي توانائي جي پرامن استعمال تي پراڻي ۽ گڏيل طور تي لاڀائتو تعاون ڪيو آهي. پاڪستان انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي ريز آف هوپ قدم تحت سينٽر فار ڪينسر ڪيئر کانسواءِ خوراڪ ۽ زراعت، نيوڪليئر سيفٽي اينڊ سيڪيورٽي، واٽر ريسورس مئنيجمينٽ ۽ جديد نيوڪليئر ٽيڪنالاجي ايپلي ڪيشنز جي شعبن ۾ چار مرڪز هلائي ٿو. وڌيڪ اهو ته پاڪستان ۾ 3530 ميگاواٽ صاف توانائي جي صلاحيت سان 6 آپريٽنگ نيوڪليئر پاور پلانٽس آهن جڏهن ته1200 ميگاواٽ جو هڪ ٻيو نيوڪليئر پاور پلانٽ تعمير هيٺ آهي. بيان موجب پاڪستان ايجنسي جي فني تعاون جي پروگرام ۽ تعاون جي فريم ورڪ جي ذريعي انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جيميمبر ملڪن سا?? ائٽمي توانائي جي پرامن استعمال ۾ پنهنجي تجربي ۽ مهارت جي حصيداري ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هلندڙ مهيني جي شروع ۾ پاڪستان کي نيوڪليئر سيفٽي جي ڪنوينشن (سي اين ايس) جي ڏهين جائزه اجلاس جي لاءِ پڻ صدر چونڊيو ويو هو.