اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مهانگائي ۾ اسان جي اميدن کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي، پائيدار معاشي استحڪام لاءِ بنيادي سڌارا اڻٽر آهن، پاڪستان جو بئنڪنگ سيڪٽر بهتري ??رف گامزن آهي، حڪومت پ??لي??ي فريم ورڪ ڏيندي، بئنڪنگ سيڪٽر سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪندو. اسلام آباد ۾ پاڪستان اڪانامي ڊيش بورڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران هن چيو ته اسان جي معيشت بهتري ??رف گامزن آهي، معاشي ترقي لاءِ سڌارا ڪيا پيا وڃن، مهانگائي جي شرح مسلسل گهٽجي رهي آهي. هن چيو ته هي اسان جو آخري ??ءِ ايم ايف پروگرام ان صورت ۾ هوندو جڏهن اسان بنيادي سڌارا ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي سڌارن ڏانهن وڃڻو پوندو، اسان کي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح کي وڌائڻو آهي، هن چيو ته اسان جي معيشت جنهن جاءِ تي موجود آهي اسان کي ان کي استعمال ڪندي ملڪ ۾ معاشي استحڪام آڻڻو آهي. محمد اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت پ??لي??ي فريم ورڪ ۽ پ??لي??ي ۾ تسلسل فراهم ڪرڻ جي عزم تي يقين رکي ٿي. هن چيوته ملڪ ۾ هن وقت جيڪو معاشي استحڪام آيو آهي اسان کي ان جي ذريعي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته اسان بنيادي سڌارا ڪريون ڇاڪاڻ ته اها اسان جي ملڪ جي بنيادي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي بئنڪنگ سيڪٽر جي بهتري واري ??وشخبري ملڪي معيشت لاءِ مثبت اڳڀرائي آهي. حڪومت جو پ??لي??ي فريم ورڪ فراهم ڪرڻ جو عزم ۽ بئنڪنگ سيڪٽر طرفان سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو واعدو ٻئي گڏجي معاشي ترقي ۽ م??لي??تي اسحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??گهن ٿا.هن چيو ته بئنڪنگ سيڪٽر ۾ بهتري ??و مطلب آهي ته سيڙپڪاري ??ي موقعن ۾ اضافو ٿيندو، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي مالي مدد ملندي ۽ عام شهرين لاءِ به بئنڪاري ??دمتن تائين پهچ آسان ٿيندي. حڪومت طرفان موثر پ??لي??ي فريم ورڪ نه رڳو بئنڪن کي بهتر طريقي سان ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو پر سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ به اضافو ڪندو، جنهن سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ??ي فضا سازگار ٿيندي. محمد اورنگزيب چيو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح ۾ اضافو ڪرڻو آهي، پائيدار معاشي استحڪام لاءِ بنيادي سڌارا آڻڻ ضروري ??هن. اهي سڌارا معيشت جي مختلف شعبن ۾ بهتري ۽ ڊگهي مدي واري ??ستحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري ??هن. ڪجهه اهم قدم جيڪي پائيدار معاشي استحڪام کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري ??گهجن ٿا انهن ۾ ٽيڪس نظام جا سڌارا، ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس چوري کي روڪڻ لاءِ موثر قدم کڻڻ ضروري ??هن.ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ۾ اضافو ۽ منضفاڻو ٽيڪس جو نظام م??لي??تي خساري کي گهٽ ڪري ??گهي ٿو. هن چيو ته پرڏيهي قرضن جي ذميواراڻي مينيجمينٽ ۽ م??لي??تي خساري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سخت م??لي??تي ڊسيپلين ضروري ??هي. ان سان معيشت تي قرضن جو بار گهٽ ٿيندو ۽ قرضن جي ادائيگي ۾ آساني ٿيندي. سيڙپڪاري کي آسان ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻو پوندو. قانونن کي آسا?? ۽ ??يڙپڪار دوست پ??لي??ين کي لاڳو ڪري پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ راهه هموار ڪري ??گهجي ٿي. اهي سڌارا ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا ۽ ملڪي ترقي لاءِ لازمي آهن.