اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي سيڪريٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي اضافي چارج ڏئي ڇڏي. ڪابينا سيڪريٽريٽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ٿين??ڙ نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان حڪومت سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع جي شق 10 تحت اطلاعات واري وفا??ي سيڪريٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي عهدي جي اضافي چارج ٽن مهينن جي مدي يا ريگيولر مقرري تائين ڏني وئي آهي. عنبرين جان هن وقت اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي سيڪريٽري جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. چارج سنڀالڻ کانپوءِ اطلاعات واري وفا??ي سيڪريٽري ۽ ايم ڊي پي ٽي وي عنبرين جان پي ٽي وي ۾ ضابطن جي خلاف ڀرتين جي جاچ ش??وع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. 12 رٽائرڊ ملازمن جي ٻيهر ملازمت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻين ملازمن جي ڊگرين جي تصديق جو عمل پڻ ش??وع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.