اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ جي خراب ٿيندڙ صحت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جيڪو نئين دهلي جي تهاڙ جيل ۾ خراب حالت ۽ ناڪافي طبي امداد جي خلاف احتجاج طور بک هڙتال ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته فر??ي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ کانپوءِ محمد ياسين ملڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کان جيل ۾ بند آهي ۽ کيس م??ت جي سزا درپيش آهي. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته محمد ياسين ملڪ کي م??يا??ي طبي امداد فر??هم ڪئي وڃي ۽ کيس فوري طور تي آز??د ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.