اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي پاڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي. ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽارٽ اپ سمٽ لاءِ وڊيو پيغام ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته معاشي ترقي کي بهتر ڪرڻ لاءِ ادارن وچ ۾ رابطا مضبوط هجڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته جڏهن مخ??لف حڪومتي، مالياتي ۽ ڪاروباري ادارا هڪ ٻئي سان موثر انداز ۾ رابطي ۾ هوندا آهن ته ان سان منصوبه بندي ۽ عمل جي رفتار ۾ بهتري ايندي آهي. ان سان نه رڳو فيصلا جلدي ٿيندا آهن پر وس??لن جو درست ۽ موثر استعمال به ممڪن ٿئي ٿو، جيڪو اقتصادي ترقي کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته ادارن وچ ۾ مضبوط رابطو ۽ سهڪار پاليسيون لاڳو ڪرڻ، سيڙپڪارن جي سهولت ۽ عوامي ??لا??ي جي پروگرامن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو. ناڻي واري وفاقي وزير چ??و ته حڪومت جو ڪم پاليسي ف??يم ورڪ، معيشت جي بهتري لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته شين کي بهتر ڪرڻ لاءِ ادارن وچ ۾ رابطو مضبوط هجڻ انتهائي ضروري آهي. آءِ ٽي ذريعي ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو. مالياتي شموليت ۾ ٽيڪنالاجي انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندي. محمد اورنگزيب چيو ته گذريل هفتي رياض ۾ سعودي عرب جي ف??مانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ٿي، رياض ۾ منعقد ڪانفرنس جو ٿيم آرٽيفيشل سپر انٽيليجنس هو. ناڻي واري وزير چ??و ته عالمي سطح تي سيڙپ جي ف??اهمي ۾ فني درستگي آئي آهي، معيشت ۾ بهتري لاءِ قدم کڻڻ پهرين ترجيح آهي، شيون بهتر ٿي رهيون آهن پر سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت جو ڪم پاليسي ف??يم ورڪ ۽ ان ۾ تسلسل برقرار رکڻ آهي، نجي شعبن جي ذميواري آهي ته اهي ڪمن کي توسيع ڏين.