اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف سرينگر هاءِ وي تي احتجاجين طرفان رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن جي گاڏي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ٽولو قانون لاڳو ڪندڙ ادا??ن کي ڄاڻي ??اڻ?? نشانو بڻائي رهيو آهي، پاڪستان ڪنهن به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نٿو ڪري سگهي. ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ رتوڇاڻ قبولڻ جوڳي ناهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف حملي ۾ گاڏي سان ??تاڙيل رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي دلي غم ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد ٿيل اهلڪارن جي بلند درجن ۽ سندن ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي جلد نشاندهي ڪري کين واقعي جو ذميوار قرار ڏئي سزا ڏيڻ جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيل رنيجرز ۽ پوليس اهلڪا??ن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي آڙ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن تي حملا مذمت جوڳا آهن، ڏڦيڙي ٽولو قانون لاڳ ڪندڙ ادا??ن کي ڄاڻي ??اڻ?? نشانو بڻائي رهيو آهي. پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار شهر ۾ امن و امان ??اڳو ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولي هٿان شهيد سيڪيورٽي اهلڪارن جي خاندانن جون زندگيون تباهه ڪيون ويون آهن، ڏڦيڙي ٽولو گذريل ڏينهن پوليس اهلڪارن ۽ اڄ رينجرز جي اهلڪا??ن کي شهيد ڪري معصوم ٻارڙن ۽ سندن ڪٽنبن آڏو جوابده آهي. وزيراعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولو انقلاب نه رتوڇاڻ چاهي ٿو، هي پرامن احتجاج ناهي شدت پسندي آهي ۽ پاڪستان ڪو به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ برداشت نٿو ڪري سگهي. ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ رتوڇاڻ قبولڻ جوڳي ناهي ۽ انتهائي مذمت جوڳي آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيد ٿيل رينجرز ۽ پوليس اهلڪا??ن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.