اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري پنهنجي وطن روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلارو?? جي صدر کي الوداع ڪيو. دوري دوران ڪيترين ئي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون جن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو. بيلارو?? جي صدر سان گڏ بيلاروس جون اهم ڪاروب??ري شخصيتون ۽ سيڙپڪارن جو وفد پڻ پاڪستان آيو جنهن پاڪستاني ڪاروب??ري شخصيتن سان ڪامياب ۽ لاڀائتيُون ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم بيلارو?? جي صدر کي سندس ٽن ڏينهن جي دوري جو فوٽو الب?? پڻ پيش ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ان موقعي تي موجود هئا.