اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي
جي علائقي راجگال ۾ سيڪيورٽي آپريشن ۾ فتنه الخوارج ج?? 4 دهشتگردن کي
جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي ??ور??ز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم
فا??رنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج ج?? سپاهي عامر سهيل آفريدي جي شهادت تي
افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد سپاهي لاءِ بخشش ۽ وارثن لاءِ
صبر جي دعا ڪندي چيو ته قوم جي پٽن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه
ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾
ملائيندا رهنداسين، حڪومت ۽ سيڪيورٽي ??ور??ز ملڪ مان فتنه الخوارج ج??
??ڪم?? خاتمي لاءِ سرگرم عمل آهن.