اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي ??ي) پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس توانائي، تعليم، دوائن، واپار، علمي ۽ فني مٽاسٽا ۽ صنعتي ت??اون جي شعبنن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 8 ٻطرفي دستاويزن تي صحيحون ڪيون آهن. پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان روس واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ت??اون بابت بين الحڪومتي ڪميشن جو نائون اجلاس 2 کان 4 ڊسمبر تائ??ن ماسڪو ۾ ٿيو. هن چيو ته آءِ ج?? سي جي گڏيل صدارت توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ روس جي توانائي واري وزير سرگئي ت??ويليف ڪئي. ترجمان چيو ته ٻنهي ڌرين ٻطرف?? سياسي ڳالهه ٻولهه جي ت??ميري نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ اعليٰ سطح تي رابطن سان گڏوگڏ عالمي تنظيمن جي اندر نتيجاخيز تعاون پڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته ڌرين ڳالهه ٻولهه ۾ اقتصادي، واپاري، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ ٻطرفي ت??اون ۽ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ فضائي رابطن کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.