استنبول-15 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي بيروت رستي فوري واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي لبنان جي قيادت جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ڪال تي لبنان جي وزيراعظم فوري ايڪشن وٺندي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي فوري سهولت فراهم ڪئي جنهن سان اسانجي لاڳاپن جي مضبوطي ظاهر ٿئي ٿي، پاڪستان ??بنان سان ??اڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو ??وا??شمند آهي. استنبول ۾ لبنان جي اطلاعات واري وزير ميڪيري سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي عطاالله تارڙ لبنان جي علائقائ?? سالميت ۽ امن قائم ڪرڻ جي حوال?? سان حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ??ه ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي جو رستو هموار ڪيو جنهن تي لبنان جي حڪومت جا ??ورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ لبنان ??چ ۾ ڀائراڻا ۽ گرمجوشي تي ٻڌل لاڳاپا آهن، پاڪستان ??بنان سان ??اڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو ??وا??شمند آهي. وفاقي وزير چيو ته سموري پاڪستاني قوم ان ڏکئي وقت ۾ لبنان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. ان ??وقعي تي لبنان جي اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان ??ر ڏکئي وقت ۾ لبنان جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته جنگ سبب متاثر لبنان جي عوام لاءِ امداد?? سامان ??وڪلڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي حڪومت جا ??ورائتا آهيون. هن چيو ??ه ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي ان ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي ته ڏکئي وقت ۾ پاڪستان ??بنان جي عوام جي امداد ڪئي. هن چيو ته بيروت ايئرپورٽ تي پاڪستانين جو وڏو انگ ڏسي خوشي ٿي ته اهي وطن واپس موٽي رهيا آهن. لبنان جي اطلاعات واري وزير ٻه طرفا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.