اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي تراني جي خ??لق ابوالاثر حفيظ جالنڌري جي ورسي 21 ڊسمبر تي ملهائي ويندي. ابو الاثر جالندري 14 جنوري 1900ع ۾ پيدا ٿيو ۽ پاڪستان جي آز??دي کان پوءِ لاهور منتقل ٿيو. حفيظ جالنڌري ناليوارو شاعر ۽ نثر نگار هو. سندس شاعري مذهبي ۽ حب الوطني ۽ لوڪ گيتن تي ٻڌل هئي. هن پاڪستان جو قومي ترانو لکي شهرت حاصل ڪئي. عظيم شاعر ک?? تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ هلال امتياز سان پڻ نوازيو ويو. حفيظ جالنڌري 21 ڊسمبر 1982ع ۾ 82 س??لن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس ورسي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، خانگي ۽ سماجي تنظيمن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ حفيظ جالنڌري کي ادبي ۽ علمي خ??متن تي خ??اج عقيدت پيش ڪيو ويندو.