اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) هر پاڪستان شهري لاءِ 18 سال عمر مڪمل ٿيڻ تي 90 ڏينهن اندر قومي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لازمي آهي. ن??در?? آرڊ:ننس 2000ع جي سيڪشن (1)9 تحت 18 سال جي عمر کانپوءِ 90 ڏينهن اندر شناختي ڪارڊ لاءِ درخواست ڏيڻ ضروري آهي. وقت سر درخواست نه ڏيڻ تي ن??در?? آرڊيننس جي سيڪشن (اِي)30 موجب 6 مهينا قيد يا سخت پورهئي سان يا 50 هزار رپين تائين ڏنڊ يا ٻئي سزائون ٿي سگهن ٿيون. ن??در?? عملدارن موجب والدين ۽ سرپرستن کان گذارش آهي ته هو پنهنجن ٻارن جي 18 سالن جي عمر مڪمل ٿيڻ تي سندس شناختي ڪارڊ بڻائين ته ج??ئن هو پاڪستاني شهري جي سمورن حقن مان فائدو کڻي س??هن. وڌيڪ ڄاڻ ۽ تازي اپ ڊيٽس لاءِ ن??در?? جي آفيشل سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي فالو ڪريو. ن??در?? عملدارن جو چوڻ آهي ته پنهنجي سُڃاڻپ کي يقيني بڻايو ۽ قومي ڪارڊ لاءِ وقت تي درخواست ڏيو.