اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري و??اقي ??زي?? عطاءُ الله تارڙ لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پريس ڪلب صحافين جو مضبوط آواز آهي، پريس ڪلب سدائين عوام جا مسئلا ايوانن تائين پهچايا. لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر ارشد انصاري، سيڪر??ٽر?? زاهد عابد، سينيئر نائب صدر افضال طالب، نائب صدر صائمه نواز، جوائنٽ سيڪر??ٽر?? عمران شيخ، فنانس سيڪر??ٽر?? سالڪ نواز ۽ نئين چونڊيل گورننگ باڊي کي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري و??اقي ??زي?? عطاءُ الله تارڙ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، لاهور جي صحافي برادري جو آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي لاءِ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پريس ڪلب صحافين جو مضبوط آواز آهي، پريس ڪلب سدائين عوام جا مسئلا ايوانن تائين پهچايا. وفاقي ??زي?? چيو ته حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ هر ممڪ?? قدم کڻي رهي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت صحافين جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. اطلاعات واري و??اقي ??زي?? عطاءُ الله تارڙ لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.