اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اڳوڻي آمريڪي صدر جمي ڪارٽر ??ي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اڳوڻي آمريڪي صدر جمي ڪارٽر جي خاندان، آمريڪي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪ??و. صدر چيو ته عالمي امن ۽ انساني حقن جي شعب?? ۾ ??ڳوڻي آمريڪي صدر جي خدمتن ??ي ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون جمي ڪارٽر جي خاندان سان گڏ آهن.