والاريل بيت المقدس – 11 مارچ (اي پي پي) اسرائيل جي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو چيو آهي ته غزه تي فلسطيني اٿارٽي جي حڪومت قبول نه ڪنداسين، ??ن معاملي جي حمايت ڪرڻ ۾ اسانجو ملڪ سڀني کان آخري هوندو. العربيا اردو م??ابق پوليٽيڪو سان هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته هو اسرائيلين جي اڪثريت جي خواهش خلاف خاص پاليسين تي عمل ناهي ڪري رهيو، ??و ملڪي مفادن کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪم ناهي ڪندو. هن دعويٰ ڪئي ته سندس پاليسي کي اسرائيلين جي وڏي اڪثريت جي حمايت حاصل آهي جيڪي حڪومت طرفان کنيل ق??من جي حمايت ڪن ٿا. ٻئي پاسي آمريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته رفح تي حملي بابت نظريو اسرائيل کي فائدي بدران وڌيڪ نقصان پهچائي رهيو آهي.