اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جي سفير سان گڏ انهن جو ترجمان ۽ وڪيل پڻ بڻجندس، سلامتي ڪائونسل مان ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏياري رهنداسين، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين سان گڏ رهنداسين. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀا??ت جي جابراڻي ۽ غاصباڻي فوجي چڙهائي جي حوالي سان ڪاري ڏينهن موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيرا??ظم چيو ته اڄ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن 72 سال اڳ ڀا??ت پنهنجي فوج ڪشمير ۾ لاٿي، ان وقت جو ڀا??تي وزيرا??ظم جواهر لال نهرو گڏيل قومن ۾ پاڻ اهو مسئلو کڻي ويو، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڏنو ته ڪشميري پاڪستان يا ڀا??ت سان گڏ رهڻ جو فيصلو پاڻ ??ن پر ڪشميرين کي اڄ تائ??ن اهو حق نه مليو.