سيالڪوٽ – 12 ف??بروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ حالتون سازگار ٿي رهيون آهن ۽ اڄ دنيا هتي سيڙپڪار?? ڪرڻ جي لا??ِ تيار آهي، اسان کي پاڻ به ان جي تيار?? ڪرڻي پوندي، صنعتن جي فروغ لاءِ نوجوانن جي صلاحيتن مان فائدو کڻڻو پوندو، ڪامياب جوان پروگ??ام پنهنجي شفافيت ۽ افاديت جي لحاظ کان ان حوالي سان فائديمند ثابت ٿيندو، هن وقت ملڪ ۾ عمران خان جهڙو ديانتدار وزيراعظم اڳواڻ آهي، هي آزمائش جو دور آهي پر ان جي باوجود حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي 10 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ ۾ ڪامياب جوان پروگ??ام تحت چيڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.