اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خبردار ڪيو آهي ته بين الافغان ڳالهين ۾ وڌيڪ مشڪلاتون اچي سگهن ٿيون جڏهن ته ان جي لاءِ سمورين ڌرين کي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ڳالهين واري عمل ۾ سستي ۽ ڏکيائي به اچي سگهي ٿي، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن ڊيڊ لاڪ به پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇو ته افغان پن??نجي مستقبل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙن موقعن تي اسان پن??نجو ڪرد??ر ادا ڪندي انهن کي ياد ڏياريندا رهنداسين ته ڳالهين جي ميز تي بنا ڪنهن رتوڇاڻ جي ڊيڊ لاڪ جنگ جي ميدان جي رتوڇاڻ واري حل کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار واشنگٽن پوسٽ جي تازي شماري ۾ هڪ آرٽيڪل ۾ پن??نجي راءِ ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سمورين ڌرين کي جن افغان امن عمل ۾ پن??نجو حصو وڌو آهي انهن کي غيرحقيقت پسنداڻي طور تي مدو مقرر ڪرڻ جي خرابين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پن??نجو عمل دخل استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اف??ان??تان ما?? عالمي دنيا جو جلدبازي ۾ انخلا غيردانشمنداڻو هوندو. آرٽيڪل ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي انهن علائقائي عنصرن کان به بچڻو پوندو جن جي امن عمل ۾ سيڙپڪاري نه آهي ۽ اهي پن??نجي جاگرافيائي مفادن جي لاءِ اف??ان??تان ۾ عدم بدامني ڏسڻ چاهين ٿا.