اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ قومي قدمن تي اجلاس اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ عورتن جي معاشي، سماجي ۽ قانوني خودمختياري ??ي فروغ لاءِ تجويزن جو جائزو ورتو وي??دو. اجلاس ۾ عورتن جي وراثتي حقن، خودمختياري، تعليم ۽ صحت جي سهولتن تائين پهچ، ميڊيا ۾ عورتن جي ڪردار، ماحوليات ۽ ان جي عو??تن تي پوندڙ اثرن تي بحث ٿيندو.