اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح هيٺين طبقي جي مالي مدد سان گڏوگڏ انهن کي روزگار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪامياب ??اڪستان پروگرام جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ?? ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگار وقار مسعود، عثمان ڊار، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان عل?? الانا، پنجاب بئنڪ جي صدر ظفر مسعود، سميت لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪامياب ڪاروبار، ڪامياب آبادگار، ڪامياب ??نرمند پروگرام، گهٽ لاڳت واري رهائشي اسڪيمن ۽ ڪامياب ??اڪستان هائوسنگ لاءِ هول سيل ليڊنگ کي هڪ پروگرام ڪامياب ??اڪستان پروگرام ۾ شامل ڪرڻ تي بريفنگ ڏني وئي.