اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال لاءِ تقريبن 8 ٽريلين روپين جي نئين س??لي??ني بجيٽ اڄ پيش ڪري رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اها ٽئين س??لي??ني بجيٽ آهي جيڪا اهڙي موقعي تي پيش ڪئي پئي وڃي جڏهن دنيا ڪورونا جي ٽئين لهر کي منهن ڏئي رهي آهي، ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جو معيشتون متاثر ٿيون آهن، ناڻي ۽ روينيو وارو وفاقي وزير شوڪت ترين قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. سرڪاري ذريعن موجب اقتصادي مشڪلاتن ۽ چئلينجن جي باوجود تحريڪ انصاف جي حڪومت اوڳاڙين لاءِ پرجوش هدف ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ فنذن ۾ اضافي جو فيصلو ڪيو آهي، نئين وفاقي بجيت ۾ ڪورونا جي ڪري عوام ۽ ڪاروبار تي پوندڙ اثرن، عوامي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي، زرعي شعبي ۾ ترقي ۽ ان کي جديد بڻائڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ بهتر ماحول جي فراهمي ۽ دستاويزي معيشت جي هدفن کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي، م??لي??تي انتظام ۽ انصرام سان گڏوگڏ روينيو ۾ اضافي، معاشي استحڪام ۽ واڌ ويجهه، غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي، روانگي واپار ۽ روزگار جي موقعن ۾ اض??فو ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام دوست پ??لي??ون بجيٽ جي نمايان خصوصيتن ۾ شامل هونديون، نئين وفاقي بجيٽ ۾ سماجي شعبي جي ترقي تي خاص طور تي ڌيان ڏنو ويندو، بجيٽ ۾ اسلوب حڪمراني ۾ بهتري لاءِ سڌارن ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ سهولتن ۽ قدمن جو اعلان متوقع آهي. حڪومت نئين بجيٽ ۾ نوان ٽ??ڪس لاڳو نه ڪرڻ جو پهرين کان فيصلو ڪيو آهي تنهن هوندي به روينيو ۾ اضافو، ٽ??ڪس جي بنياد ۾ سگهه ۽ ٽ??ڪس ڏيندڙن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ قدم کنيا ويندا ڇو ته روينيو ۾ بهتر اضافي سان اقتصادي واڌ ويجهه جا هدف حاص?? ٿي سگهندا. ذريعن موجب حڪومت نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 5800 ارب روپين جي اوڳاڙين جو هدف مقرر ڪري رهي آهي، نئين وفاقي بجيٽ جي ڏس ۾ هلندڙ مالي سال 21 -2020ع جي اقتصادي جائزه رپورٽ ڪالهه خميس ڏينهن جاري ڪئي وئي.