اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر محمد فروغ نسيم جي صدارت ۾ ڪابينا جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) بابت ذيلي ڪم??ٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد کانسواءِ گهرو وزارت ۽ نيب جا اعليٰ عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ اي سي ايل ۾ شامل ۽ ڪڍيا ويندڙ ماڻهن جي فهرستن تي تفصيلي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي مختلف کاتن جا نمائندا ۽ انفرادي حي??يت ۾ مختلف ماڻهو پيش ٿيا جن جو موقف معلوم ڪرڻ کانپوءِ ميرٽ تي فيصلا ڪيا وي??. ذيلي ڪم??ٽي جي عملدارن پاران مخالفت جي باوجود مختلف نالن کي اي سي ايل مان ڪڍڻ جي پڻ سفارش ڪئي آهي.