اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خان جي قيادت ۾ اقليتن کي سڀني حقن ۽ سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون، اقليتن کي شهري حيثيت ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جا سڀئي موقعا حاصل هوندا، اقليتن جي حقن جي پاسداري دي?? اسلام جي تعليم ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. اقليتن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته رواداري، گڏيل احترام ۽ هر طرح جي فرق کانسواءِ انساني حقن جو تحفظ اسلامي معاشري جي بنيادي گهرج آهي، اسان جي آئين ?? به ان اسلام?? اصول کي پوري طرح شامل ڪي?? ويو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت اقليتن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جمهوري روايتن جي فروغ لاءِ مذهبي هم آهنگي جي ڪوششن کي تيز ڪي?? ويندو.