اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف نجي ۽ عالمي ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ شمس?? توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن، نجڪاري کانپوءِ ڪراچي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان ڪراچي اليڪٽرڪ جي 4 رڪني وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزي??اع??م ڪراچي اليڪٽرڪ جي سيڙپڪاري کي انرجي سيڪٽر خاص طور تي شمس?? توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ شمس?? توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان نجي ۽ عالمي ڪمپنين کي مان کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت قابل تجديد خاص طور ت?? توانائي جي ذخيرن سان بجلي پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ موجود سر??اري عمارتن کي شمس?? توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. وزي??اع??م کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪراچي اليڪٽرڪ جي لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ روينيو ڪليڪشن ۾ بهتري آئي آهي جيڪو باقي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي لا??ِ هڪ مثال آهي. ملاقات ۾ اڳوڻي وزي??اع??م شاهد خاقان عباسي، وزي??اع??م جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل سر??اري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪراچي اليڪٽرڪ جي وفد ۾ شيخ عبدالعزيز حمد الجوميه، شان عباس، نان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪراچي اليڪٽرڪ، سيد مونس عبدالله علوي، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪراچي اليڪٽرڪ ۽ عمران حسين قريسي چيف ريگيوليٽري آفيسر ڪراچي اليڪٽرڪ شامل هئا.