اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي تي ريڊ لائين ڪراس ڪئي وئي، 9 مئي جي ??اقعن ۾ ملوث عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، انهن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، عمران خان پنهنجي ڪارڪنن کي شرپسندي جي تربيت ڏني، ڪڌي منصوبابندي سان قومي ملڪيتن کي نشانو بڻايو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”عظمت شهداءِ ڪنوينشن“ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته تقريب دوران عظيم فرزندن جي ??ارثن سان ملاقات ڪئي آهي ۽ پنهنجي ۽ قوم پاران اهو پيغام ڏنو آهي ته انهن جي ??رزندن جي عظيم قربانين جي ڪري قائداعظم جو پاڪستان موجود آهي، انهن سپوتن پاڪستان جي سلامتي ۽ تحفظ جي ??اءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، انهن پنهنجي ??ارن کي يتيم ڇڏي ڏنو پر اسان جي ??ارن کي يتيم ٿيڻ کان بچائي ورتو. هن چيو ته انهن عظيم فرزندن پنهنجي جان تِري تي رکي ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪ??و، انهن جي ??ربانين جي ڪري قوم سُک جي ??نڊ سُمهي ٿي، ڪاروبار ۽ تعليمي ادارن سميت پورو ملڪ هلي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي ??اءِ دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو. هن چيو ته 9 مئي تي ملڪ ۾ درندگي ٿي، عمران خان جي گرفتاري کان اڳ به سوين گرفتاريون ٿيون آهن پر ڪنهن گلدان به نه ٽوڙ??و، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو شهيد ۽ نواز شريف کي بيگناهه جيل ۾ رکيو و??و، اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ بي بنياد الزام هڻي مخالف ڌر کي ڀت سان لڳايو و??و، اسان ان کي صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪ??و، ڪنهن حساس ٺڪاڻن تي حملي جو نه سوچيو. هن چيو ته 9 مئي تي المناڪ ترين واقعو ٿ??و، هڪ ڪرپشن جي ڪيس ۾ عمران خان جي گرفتاري ٿي پر هو پنهنجي جٿن کي ڪيترائي مهينا اڳ کان اهو چئي رهيو هو ته ان جي گرفتاري جي صورت ۾ ڪٿي ڪٿي حملو ڪرڻو آهي، سڄي قوم ان کان ان جو جواب گهري ٿي ته ان تي حملي جي جواب ۾ حساس ٺڪاڻن تي حملو ڇو ڪيو ويو. هن چيو ته 9 مئي تي شهيدن ۽ غازين جي ??ادگارن کي نقصان پهچايو و??و، ڪجهه سال اڳ پاڪ فضائيه جي ??نگ ڪمانڊر پاڪستان تي حملو ڪندڙ ڀارتي اڀي نندن جو جهاز ڪيرا??و، اهو غازي اسان جي ??اءِ قابل فخر آهي. هن چيو ته ماضي جي حڪومت جي دور ۾ قومي اسيمبلي ۾ اسان کي گاريون ڏنيون ويون، الزام بازي ڪئي وئي، چور، ڌاڙيل چيو و??و، پوءِ به اسان صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته 9 مئي تي شهيدن ۽ غازين جي توهين ڪئي وئي، حساس ٺڪاڻن ۽ ريڊيو پاڪستان تي حملو ڪيو ويو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳو آهي. هن چيو ته پنهنجي ??رض جي ادائيگي ۾ هڪ لمحي جي ڪوتاهي نه ڪندس ۽ نه ئي ڪنهن جي ڪوتاهي برداشت ڪندس، جيڪڏهن ان المناڪ واقعي کانپوءِ ٿوري به بي احتياطي کان ڪم ورتو ته اسان کي الله تعاليٰ ۽ عوام جي عدالت ۾ معافي نه ملندي. هن چيو ته ڀارت جا جيڪي خواب 1965ع جي جنگ ۾ پورا نه ٿيا اِنهن جٿن اُنهن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، انهن حملن جي ??نصوبابندي ڪرڻ، اتساهڻ ۽ حملو ڪندڙن جي خلاف آئين ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، انهن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، بيگناهن کي نقصان نه پهچندو، آئين ۽ قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، آئون به ??وندس ته ڪا سفارش نه مڃي ويندي. وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي ريڊ لائين ڪراس ڪئي وئي، شهيدن جي ??ارثن جي دلين ۾ تِير هنيا ويا، قوم جي تحفظ جي ??اءِ جانيون قربان ڪندڙن جي بي حرمتي ڪئي وئي، اکين اهڙو ??نظر اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي الله تعاليٰ جي حڪمن، حضور اڪرم ﷺ جي سيرت طيبه، قائداعظم ۽ علامه اقبال جي ??ڪر تي عمل ڪن جنهن ۾ صبر ۽ تحمل جو درس ڏنو ويو آهي ۽ جٿابندي ۽ ڦرلٽ کان روڪيو ويو آهي. هن استادن تي زور ڏنو ته اهي ٻارن جي ان حوالي سان تربيت ڪن. شهباز شريف چيو ته پاڪستان اڳتي وڌندو ۽ ترقي ڪندو، شهيدن جي ??ارن کي يوٿ بزنس ۽ زرعي لون اسڪيم تحت آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا، انهن عظيم فرزندن جي ??ارن کي سمورن پروفيشنل ادارن ۾ ڪوٽا تي داخلا ڏني ويندي، انهن جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. ڪنوينشن ۾ وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، سفارتي برادري، شهيدن جي ??ارثن، غازين جي گهرڀاتين سميت مختلف طبقه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.