سيالڪوٽ – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اٽي ۽ کنڊ جي ??صن??عي کوٽ پيدا ڪرڻ جي ذميوارن جي رپورٽ عام ڪري هڪ جهڙو قانون لاڳو ڪرڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي، وزيراعظم پنهنج?? پارٽي کان خود ??حت??ابي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو، فرانزڪ آڊٽ ذريعي سموريون حقيقتون عوام تائين پهچايون وينديون ۽ جيڪي ذميوار هوندا انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي، شريف گروپ جي حقيقت به هن رپورٽ ظاهر ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ تي تنقيد کان اڳ شهباز شريف کي پنهنجي گريبان ۾ جهات?? پائڻ گهرجي، وزيراعظم پورهيتن جي لاءِ اربين رپين جو مثالي پئڪيج ڏنو، عالمي معاشي بحران جي ڪر?? پاڪستاني صنعتڪار به م??ڪلاتن جو شڪار آهن، منافعي خوري ۽ ??صن??عي کوٽ پيدا ڪندڙن تي ڪڙيءَ نظر رکي ويندي. هو سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.