اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته پورهيتن ۽ ڏهاڙي واري طبقي کي احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ۾ ايس ايم ايس ذريعي شامل ٿيڻ جي طريقيڪار بابت وڌيڪ آگاهي جي ضرورت آهي. جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ڊ??ڪٽر ثانيه نشتر چيو ته اهڙا ڏهاڙي وارا مزدور جن جو ڪورونا وائرس سبب روزگار بري طرح متاثر ٿيو آهي ?? حڪومت پاڪستان طرفان احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت 12000 روپين جي امداد وٺڻ چاهين ٿا، ته فوري طور تي 8171 تي پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر موڪلين.