اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيڪل يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته هو نرسنگ پروگرامن تي ڌيان ڏين ۽ نرسنگ جي شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ڪن ته ج??ين ملڪ ۾ نرسز جي کوٽ پوري ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ شه??د ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سينٽ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. صدر ميڊيڪل يونيورسٽين تي زور ڏنو ته هو شاگردن جي تعليم جي معيار کي بهتر بڻا??ين ۽ غير ملڪي شاگردن کي به مائل ڪن، ايوان صدر مان جاري بيان موجب شه??د ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر تنوير خالق صدر کي طب جي تعليم لاءِ يونيورسٽي جي ڪردار جي باري ۾ بريفنگ ڏني.