لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گورننس جي بهتري م??ڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ اسان کي م??ڪ جو نظ??م ٺيڪ ڪرڻو آهي، ڪرپشن جي ڪا گنجائش نه آهي، ٿاڻو ڪلچر تبديل ڪيو وڃي، ادارن ۾ جزا ۽ سزا جو نظ??م متعارف ڪرايو وڃي، سياسي دٻاءُ کانسواءِ ميرٽ تي ڪم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي جي سول آفيسرن بشمول انتظامي کاتن جي سيڪريٽرين، ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز، ريجنل پوليس آفيسرن سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. ان م??قع?? تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال درپيش ر??ي، معيشت قرضن جي بار هيٺ رهي، جنهن جي ڪري تعليم، صحت ۽ ترقياتي م??صوبن جي لاءِ گهربل. وسيلن جي کوٽ درپيش ر??ي. هن چيو ته ڪرپشن جي ڪري به معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، انهي جي ڪري اسان جي حڪومت ڪرپشن جي خلاف جهاد شروع ڪيو، 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ترقي جا مثال ڏنا ويندا هئا، ڪرپشن سدائين مٿي ۽ ايليٽ طبقي کان شروع ٿئي ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته هي م??ڪ اسان جو آهي، اسان جو جيئڻ مرڻ هن ئي م??ڪ سان آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ نظ??م ٺيڪ ڪرڻو آهي، گورننس جي بهتري م??ڪي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. هن وقت ملڪ ۾ معاشي ترقي جي لاءِ سڀ کان اهم شعبو تعميرات جو آهي. ان سان روزگار جا موقعا ملندا.