اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذري?? 24 ??لاڪن دوران ڪورونا جي 394 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذري?? 24 ??لاڪن دوران 3 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران 20 هزار 980 ڪورونا جا ٽيسٽ ??يا ويا ج??هن مان سنڌ ۾ 8 هزار 999، پنجاب ۾ 6 هزار 378، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 560، اسلام آباد ۾ 2 هزار، 274 بلوچستان ۾ 271، گلگت بلتستان ۾ 209، آزاد ڪشمير ۾ 289 ٽيسٽ ??يا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا کان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 86 هزار 16 ٿي چڪي آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 87 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذري?? 24 ??لاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 542 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 98 هزار 903 آهي .