ميانوالي – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته پا??ستان هڪ آزاد قوم هجي، اسان هڪ اهڙ?? ملڪ چاهيون ٿا جتي ظلم ڪندڙ کي سزا ۽ محنت ڪندڙ کي ان جو ڦل ۽ صل?? ملي، علم تي ٻڌل معيشت سان قومون ترقي ڪن ٿيون، ان ۾ ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪرڻي هوندي آهي، هڪ ٻن شهرن کي ترقي ڏيڻ سان ملڪ ترقي نه ٿو ڪري، انشاءَ الله پا??ستان دنيا ۾ طاقتور قوم طور اڀرندو. ميانوالي ۾ عيسيٰ خيل ڪيڊٽ ڪاليج ۾ هاسٽل جي افتتاح ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي تم??م گهڻي خوشي ٿي آهي ته آئون عيسيٰ خيل جي علائقي ۾ پنهنجي م??ڻهن جي وچ ۾ موجود آهيان، وزيراعظم چيو ته 24 سال اڳ هن هي سڄو علائقو ڏٺو هو ۽ مون کي خبر آهي ته هن علائقي ۾ ٻارڙين جي اسڪولن ۾ استاد نه آهن، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ نرسز نه آهن، پيئڻ جي لاءِ صاف پا??ي هتان جي م??ڻهن جو وڏو مسئلو هو، اڄ سوا ٽي ارب رپين جي م??ليت سان جيڪي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن ان سان ٻن يونين ڪائونسل کي ڇڏي باقي سمورين يونين ڪائونسلز ۾ پا??ي جو مسئلو حل ٿي ويندو.