اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪيءَ ۾ زلزلي سبب قيمتي جاني ۽ مالي نقصا?? تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته ازمير ۾ زلزلي جي خبر ٻڌي انتهائي افسوس ٿيو ۽ محترم ۽ ڀائر طيب اردوان متاثر ماڻهن جي گهرڀاتين سان پ??ڪستاني عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو.